جتوئي مصطفيٰ حيدر

جتوئي، مصطفيٰ حيدر: سندس پورو نالو مصطفيٰ حيدر بخش جتوئي آهي. سندس جنم 26- مئي 1935ع تي تعلقي ڊگهڙي ضلعي ميرپورخاص ۾ ٿيو. جتي سندس والد حيدر بخش جتوئي تڏهن مختيارڪار هو. تعليم حيدرآباد ۾ مڪمل ڪيائين. ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي والد، هارين جي رهنما حيدر بخش جتوئيءَ جي صحبت ۾ ادب، شعر شاعري ۽ قومي خدمت ڏانهن لاڙو پيدا ٿيس ۽ اڳتي هلي صحافت جو پيشو اختيار ڪيائين. جتوئي صاحب جي صحبت ۽ پرورش، سندس دل ۾ وطني ۽ قومي درد پيدا ڪيو ۽ نتيجي طور منجهس ننڍي هوندي کان ئي حوصلي، مردانگي، جرئت، بيباڪي، اخلاق، راست گوئي ۽ قربانيءَ جا جوهر پيدا ٿيا.
صحافت ۾ چڱو نالو ڪمايائين۽ ٿوري ئي عرصي ۾ ملڪ جي ممتاز ۽ نامور صحافين جي صف ۾ جڳهه پيدا ڪيائين. مصطفيٰ حيدر، پهرين روزاني ’عبرت‘ حيدرآباد ۽ پوءِ روزاني ’انڊس ٽائيمس‘ (انگريزي) جو اسٽاف رپورٽر رهيو، ان دوران سنڌ جي مسئلن ۽ حقن لاءِ گهُٽ ۽ ٻوسٽ واري زماني ۾ جنهن بيباڪيءَ سان اقتدار جي صاحبن سان انٽرويوئن دوران سنڌ جي مسئلن تي بحث ڪندو هو، ان کيس هڪ منفرد ’ڇرڪائيندڙ‘ صحافيءَ جي حيثيت بخشي. ان زماني جي پريس ۾ سندس نمايان حيثيت رهي، جنهن جو اعتراف سندس همعصر سينيئر صحافي ڪن ٿا.
صحافت جاري رکندي، هي اي. پي. پي، يو. پي. پي ۽ پي. پي. آءِ خابرو ايجنسين جي نمائندگي ڪندو رهيو ۽ ساڳئي وقت اُن وقت جي مشهور انگريزي اخبار ’سول اينڊ ملٽري گزيٽ‘ (لاهور) ۽ ’ليڊر‘ (ڪراچي) جو به نمائندو رهيو. ننڍپڻ کان ئي کيس شاعريءَ جو شوق هو. پهرين ’آتش‘ تخلص اختيار ڪيائين، پوءِ والد جي چوڻ تي، ’مصطفيٰ‘ تخلص اختيار ڪري شاعري ڪيائين.
هن 1965ع ۾ سرڪاري ملازمت اختيار ڪئي. پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ڪري اول راولپنڊيءَ ۾ مرڪزي وزارت اطلاعات ۽ نشريات ۾ اسسٽنٽ انفرميشن آفيسر مقرر ٿيو، 1967ع ۾ ترقي ڏيئي کيس انفرميشن آفيسر بڻايو ويو. 1970ع ۾ ڪراچيءَ بدلي ٿي آيو، جتان 1973ع ۾ بلوچستان جي تڏهوڪي گورنر نواب محمد اڪبر بگٽيءَ پنهنجي صوبي بلوچستان لاءِ سندس خدمتون حاصل ڪيون ۽ هُو ڪوئيٽا ۾ ڊائريڪٽر پبلڪ رليشنس ۽ پروٽوڪول آفيسر جي عهدي تي فائز ٿيو.ڪوئيٽا ۾ ملازمت دوران هن نهايت تدبر، حوصلي، جفاڪشيءَ ۽ ذهانت سان پنهنجا منصبي فرض ادا ڪري پاڻ مڃايو.
1 مئي 1975ع ۾ سندس بدلي اسلام آباد ٿي. پر ان دوران بدقسمتيءَ سان کيس دل جو مرض ٿي پيو، جنهنڪري اسپتال داخل ٿيو. کيس ڪوئيٽا ۽ ڪراچيءَ ۾ علاج کان پوءِ حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ آندو ويو. جتي ڊاڪٽرن جي خصوصي ڌيان جي باوجود ٺيڪ نه ٿي سگهيو ۽ 25- مئي 1975ع تي لاڏاڻو ڪري ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.05.26  عيسوي

مصطفيٰ حيدر 26- مئي 1935ع تي تعلقي ڊگهڙي ضلعي ميرپورخاص ۾ ٿيو .


1975.05.25  عيسوي

مصطفيٰ حيدر 25- مئي 1975ع تي لاڏاڻو ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رسول بخش پليجو
اميد علي شاهه رضوي سياستدان
سيد علي شاهه شائق
ضياء الدين احمد
پيرزادو زاهد حسين
ٻانڀڻيو
ڀِندل
عطاء الله خان مينگل
حفيظ شيخ
زبير سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون